ادريس جتوئي

ادريس جتوئي

ادريس جتوئي

ادريس جتوئي: نوجوان ليکڪ، تعليمي ماهر ۽ پبليشر محمد ادريس جتوئي 14 سيپٽمبر 1962ع تي ڳوٺ ٺوڙها، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد حسن جتوئي هاري هو، سندس امڙ مريم خاتون پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ ۾ وڏي جستجو ڪئي. ادريس جتوئي شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي، جڏهن ته ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوان جتوئيءَ مان ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي مان امتيازي نمبرن سان ايم. اي ڪئي آهي. سندس ماسٽر ٿيسز جو عنوان ” پريس تي تشدد“ هو. هي ينگ ٿنڪرس فورم- سنڌ جو ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي. ان بعد هُن لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم. اي (سنڌي ادب) جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن ۾ هُن برک ڪهاڻيڪار جمال ابڙي تي تفصيلي مونوگراف لکيو، جيڪو ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيو آهي. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ هن هارين جي حقن لاءِ به سرگرم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڳوٺ ۾ وليج ويلفيئر ايسوسيئيشن قائم ڪري، ان پليٽ فارم تان ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، جنهن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي لائبريري ڳوٺ ٺوڙها جو بنياد پڻ شامل آهي. سنڌ جي معروف پبليشنگ اداري ”روشني پبليڪيشن“ جي باني ميمبرن مان هڪ آهي. ادريس جتوئيءَ جي شاعري، مضمون ۽ تنقيدي مقالا ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. هن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ نوان جتوئي جو الحاق 1983ع ۾ ڪرايو هن صوفي سيد علي گوهر شاهه جو ڪتاب ”گوهر شاهه جو گيان“ ۽ نوجوان شاعر نماڻي سنڌيءَ جو ”ستارن رمجهول“ به پڻ شايع ڪرايا. 2005ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسيئيشن ونگ سنڌ طور ڄامشوري ۾ چارج ورتي، جتي اڄ تائين ذميواريون نڀائي رهيو آهي.


لفظ ادريس جتوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.09.14  عيسوي

ادريس جتوئي: نوجوان ليکڪ ، تعليمي ماهر ۽ پبليشر محمد ادريس جتوئي 14 سيپٽمبر 1962ع تي ڳوٺ ٺوڙها ، تعلقي موري ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابڙو ڊاڪٽر عبدالحي
حافظ عبدالڪريم پهوڙ
پرمانند کتري
ڄام ’فيروزالدين‘ انڙ
آمنه سومرو ڊاڪٽر
ادريس لغاري
امين اڏيرائي
حُرمت شيدڻ
ڀَلو ڳاھو
حاجي رحيم بخش ميمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون